ارڙهين ترميم بعد صوبا بجلي مد ۾ رليف ڏيڻ جي قابل

لاهور(مزمل سهروردي)ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق مالي طور ڪمزور ۽ صوبا خوشحال بڻجي ويا آهن،صوبن وٽ بي انتها پئسا آهن، پنجاب حڪومت بجلي بلن تي  تازو 14 رپيا في يونٽ رليف ڏنو آهي،سنڌ سرڪار چاهي ته 20 رپيا يونٽ رليف ڏئي سگهي ٿي، بلوچستان،ڪي پي به ائين ڪري سگهن ٿا،پنجاب ۾ مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس کي بجلي جي مهانگن بلن ۾ ڪجهه سک جو ساهه کڻڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي،پ پ،تحريڪ انصاف کي پنهنجن صوبن جي عوام کي رليف ڏيڻ کان ڪنهن روڪيو آهي،پنجاب ته هڪ مثال قائم ڪيو آهي،

  • سڄي ملڪ ۾ رڳو ڪراچي ۾ 6 مهينا بجلي مهانگي ملندي: واپاري اڳواڻ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي رهواسين، صنعتي ۽ ڪمرشل واهپيدارن کي ايندڙ 6 مهينن تائين ڪي اليڪٽرڪ کان مهانگي بجلي خريد ڪرڻي پوندي. ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪائٽ) جي صدر جوهر قندهاري جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ سڄي ملڪ جي سمورن ڊسڪوز کي بجلي 31 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست آهي ۽ اها درخواست سينٽرل پاور پرجيزنگ ايجنسي نيپرا ۾ جمع ڪرائي پر ڪراچي لاءِ ٻين کان مختلف قانون آهي ته ڪراچي لاءِ ايندڙ 6 مهينن تائين 3 کان 5 رپيا فيول ايڊجسٽمينٽ جي ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ ڪراچي جي صنعت هلي نه سگهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.