اسلام آباد(م ڊ) بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين 46 ارب 99 ڪروڙ روپين جو بار واهپيدارن تي اڇلائڻ لاءِ نيپرا کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، نيپرا موجب درخواست گذريل مالي سال جي آخري ٽه ماهي لاءِ داخل ڪئي وئي آهي، درخواست جي ٻڌڻي 26 آگسٽ تي ٿيندي.ڪيپيسٽي ادائگين لاءِ 22 ارب 86 ڪروڙ رپيا ۽ آپريشنز ۽ مينٽيننس لاءِ 4 ارب رپيا گهريا ويا آهن.نيپرا جو چوڻ آهي ته سسٽم چارجز ۽ مارڪيٽنگ فيس جي استعمال جي مد ۾ 7 ارب 51 ڪروڙ رپيا طلب ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن لاسز جي مد ۾ 10 ارب 80 ڪروڙ رپيا طلب ڪيا ويا آهن.