ملٽي نيشنل ڪمپنين پاران پاڪستان مان پنهنجيون آفيسون منتقل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي بندش يا سست رفتاري ڊجيٽل انڊسٽري لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي رهي آهي،  پاڪستان بزنس ڪائونسل (پي بي سي) خبردار ڪيو آهي ته ڪيترن ئي ملٽي نيشنل ڪمپنين (ايم اين سيز) پاڪستان مان پنهنجون آفيسون منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي بي سي ايڪس تي پنهنجي تفصيلي بيان ۾ چيو ته "اسان بجلي جي پيداوار ۾ ڪيپيسٽي لاڳت ڀرڻ تي مجبور آهيون، جنهن جي نتيجي ۾ بيروزگاري، ايڪسپورٽ ۽ ٽيڪس آمدني جو نقصان ٿيندو آهي پر هاڻي اسان فائر وال جي ڪري سافٽ ويئر سيڪٽر ۾ بيڪار ڪيپيسٽي  جي خطري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، بزنس ڪائونسل جو خيال هو ته جيڪڏهن سيڪيورٽي لاءِ فائر وال ضروري به هجي ته اڳواٽ آزمائشون ڪري هزارين فري لانس سافٽ ويئر ڊولپرز جي معيشت کي بچائي سگهجي پيو ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل خدمتن جي هڪ قابل اعتماد فراهم ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان جي شهرت کي نقصان کان بچائي سگهي پيو.ڪائونسل جو وڌيڪ چوڻ هو ته، ڪيتريون ئي ملٽي نيشنل ڪمپنيون پنهنجون آفيسون منتقل ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيون آهن ۽ ڪجهه اڳ ۾ ئي ڪري چڪيون آهن. بزنس ڪائونسل موجب ”هاڻي دير نه ٿيندي“ . بزنس ڪائونسل لاڳاپيل اختيارين تي زور ڏنو آهي ته هو نظرثاني ڪن ۽ صحيح فائر وال حاصل ڪن يا روزگار ۽ ايڪسپورٽ تي غير ضروري اثر کانسواءِ ان کي لاڳو ڪرڻ سکن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.