پنجاب ۾ بجلي سستي ٿي ته سنڌ ۾ ڇو نٿي ٿي سگهي؟ حافظ نعيم الرحمان

ڪراچي (رپورٽر) مهانگائي، بجلي جي بلن ۽ ٽيڪسن خلاف جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 28 آگست تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، نواز شريف رڳو ٻن مهينن لاءِ پنجاب ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو. جماعت اسلامي جي ڌرڻي، دٻاءَ جي نتيجي ۾ حڪمران مجبور ٿيا، بجلي اگهن ۾ رليف سڄي ملڪ ۾ ملڻ گهرجي، پنجاب ۾ بجلي سستي ٿي سگهي ٿي ته سنڌ ۾ ڇو نه. هن چيو ته وفاق جو نظام ڪراچي مان گڏ ٿيندڙ ٽيڪس سان هلي ٿو، پاڪستان ۾ 50 کان وڌيڪ ٽيڪس ڪراچي ڏئي ٿو، هتي بجلي جا پيسا ڇو گهٽ ناهن ٿي سگهيا. سندس چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ مافيا مهانگي بجلي ٺاهي ٿي، جماعت اسلامي امير چيو ته حڪومت سان معاهدي ۾ 36 ڏينهن بچيا آهن، اسان مزاحمت جاري رکنداسين ۽ معاهدن تي مڪمل عمل ڪرائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.