عون کوسي کي گم ڪرائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا: عمران افضل

لاهور (م ڊ) بل بل پاڪستان ڳائيندڙ يوٽيوبر عون کوسي جو پتو ناهي پئجي سگهيو. عون کي 14 ۽ 15 آگسٽ جي رات اغوا ڪيو ويو هو.  عون جي گهرڀاتين جي وڪيل ميان اشفاق جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 12 هٿياربند گهر ۾ گهڙيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪري ليپ ٽاپ، موبائيل فون ۽ ڪيمرا ضبط ڪري ورتي. عون جي زال بينش اقبال لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ۾ ٻڌايو ته رات جو 2 وڳي ڪاري پينٽ شرٽ پهريل نقاب پوش گهر ۾ گهڙيا هئا،  3 نقاب پوش گهرڀاتين جي مٿي تي بندوق تاڻي بيٺل رهيا، ان دوران عون کي زبردستي هڪ ڊبل ڪيبن ويگو گاڏي ۾ ويهاريو ويو جنهن کانپوءِ ساڳي گاڏي جي پٺيان سڀ نقاب پوش به فورچيونر گاڏي ۾ ويهي هليا ويا. درخواست موجب هو اڇرا ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائڻ وئي پر اهلڪارن ايف آءِ آر داخل نه ڪئي جنهن ڪري عدالت سان رابطو ڪيو. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران موجب پوليس کي عون جي اغوا بابت ڪا شڪايت ناهي ملي، شڪايت داخل ڪرائڻ تي جاچ ڪئي ويندي. سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل جبران ناصر سوشل ميڊيا تي لکيو ته ڪڏهن خوش ٿيڻو آهي، ڪڏهن کلڻو آهي، ڪڏهن روئڻو آهي اهو هاڻي رياست ٻڌائيندي. صحافي عمران افضل راجا لکيو ته 10 هٿياربند هٿان عون کوسي کي گم ڪرائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.