اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ سرحدن تي منڪي پوڪس جي اسڪريننگ سسٽم کي ڪارائتو بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته منڪي پوڪس جي ٽيسٽ لاءِ سموري ضروري سامان ۽ ڪٽس جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ منڪي پوڪس بابت اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ منڪي پوڪس جي تازي صورتحال، موذي مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ گذريل تيارين جو جائزو ورتو ويو.اجلاس جي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته تازو ئي مردان ضلعي مان هڪ شخص ۾ مونڪي پوڪس وائرس جي تصديق ٿي آهي، نوجوان روزگار سانگي پرڏيهه ۾ هو، تازو ئي پاڪستان آيو هو، کيس قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي ۽ سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.وزيراعظم بارڊر هيلٿ سروسز کي هدايت ڪئي ته هو صورتحال کي ويجهي کان مانيٽر ڪن ۽ سخت نگراني کي يقيني بڻائين ۽ مونڪي پوڪس ٽيسٽ لاءِ سمورن ضروري سامان ۽ ڪٽس جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.وزيراعظم ملڪ جي ايئرپورٽن، بندرگاهن ۽ سرحدن تي منڪي پوڪس اسڪريننگ سسٽم کي موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران منڪي پوڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو آهي.شهباز شريف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي منڪي پوڪس جي صورتحال تي سخت نظر رکڻ ۽ ان حوالي سان جلد جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو منڪي پوڪس بابت هفتيوار بريفنگ وٺندو.اجلاس دوران وزيراعظم منڪي پوڪس جي حوالي سان اثرائتي ۽ جامع آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.