اسلام آباد (م ڊ) اسپيڪر قومي اسيمبلي ڪي اليڪٽرڪ جي عورت آفيسر جي لباس بابت تبصري جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. اپويشن اسيمبلي ميمبر اقبال آفريدي جي تبصري ۽ اعتراض جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، اياز صادق طرفان حقيقتن جو پتو لڳائڻ لاءِ خاص ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪاميٽي جو سربراهه هوندو، نويد قمر، امين الحق، ملڪ عامر ڊوگر ۽ مولانا عبدالغفور حيدري ڪاميٽي جو حصو هوندا. فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي پارلياماني پارٽين جي 5 عورت ميمبرن کي شامل ڪرڻ جي مجاز هوندي. جاچ ڪاميٽي 15 ڏينهن ۾ اسپيڪر کي رپورٽ پيش ڪندي.