پهرين جولاءِ کان هيل تائين برساتن سبب 189 ڄڻا فوت، 333 زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پهرين جولاءِ کان 17 آگسٽ تائين ملڪ ۾ تيز برساتن سان ٿيندڙ تباهين ۽ نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب پهرين جولاءِ کان هيل تائين 189 ڄڻا فوت ٿيا، پنجاب ۾ 68، ڪي پي ۾ 65، سنڌ ۾ 32، بلوچستان ۾ 15، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 5 فوتگيون ٿيون.
چوماسي برساتن جي نتيجي ۾ 333 ڄڻا زخمي به ٿيا، جن ۾ 137 ٻار ۽ 85 عورتون شامل آهن، برساتن ۽ ٻوڏ سان 645 گهر مڪمل تباهه ۽ 1419 گهرن کي جزوي نقصان پهتو، 8 اسڪولن ۽ 35 پلن کي به نقصان پهتو، جڏهن ته 323 جانور به مري ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.