ميرپورماٿيلو مان احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار 2 ڄڻا عدالت ۾ پيش

گھوٽڪي ( ت ر ) شھيد نصر الله گڏاڻي جي ساٿين جنيد جلباڻي ۽ نثار بوزدار  کي ميرپور ٿاڻي جي پوليس  ڊسٽرڪٽ  اينڊ سيشن جج گھوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نثار بوزدار ۽ جنيد جلباڻي کي ٻن ڏينھن جي ريمانڊ تي ميرپور ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ھوڏانھن نثار بوزدار ۽ جنيد جلباڻي عوامي آواز سان ڳالھائيندي  چيو ته  اسان شھيد نصر  الله گڏاڻي جي محبت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي پوليس وڏيرن جي وانگارو بڻجي چڪي آھي اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ايس ايڇ او مير پور ماٿيلو قابل ڀيو  اسان جي مٿان  سخت تشدد ڪيو جنھن سبب مون کي ساھ جي تڪليف ٿي وئي بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال پھچايو ويو  اسان کي ب گناھ ڪيسن ۾ فاسايو ويو آھي اسان ھنن جي ڪوڙن کان نٿا ڊڄون شھيد جي قاتلن جي گرفتاري لا۽ اسان جي جھدوجھد جاري رھندي ھوڏانھن شھيد نصر  الله گڏاڻي جي امڙ امان پٺاڻي گھوٽڪي جي عدالت ۾ جنيد جلباڻي ۽ نثار بوزدار سان ملاقات ڪندي چيو پوليس وڏيرن جي وانگار وھندي نوجوانن مٿان ڪوڙا کيس داخل ڪيا آھن ھنن جو اھو قصور ھيو جو ھنن منھنجي پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آواز بلند ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.