عدليه بروقت ۽ درست فيصلا ڪري ها ته 9 مئي واقعا نه ٿين ها: خورشيد شاهه

سکر (م ڊ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملن جا ڪيس سردخاني ۾ رکيا ويا، جيڪڏهن  عدليه بروقت ۽ درست فيصلا ڪري ها ته 9 مئي جا واقعا پيش نه اچن ها. پنهنجي بيان ۾ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ انصاف جي نالي تي ناانصافي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ادارن کي ڦرلٽ جي ڇوٽ ڏني وئي. خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته رياستي طاقت کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جو حوصلو ٽوڙڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.