اسلام آباد (فخر دراني): اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل (ر) فيض حميد جي گرفتاريءَ کانپوءِ فوج جا 34 ٻيا ماڻهو به گرفتار ڪيا ويا آهن، ٽن اڳوڻن فوجي آفيسرن سميت ٻين ساٿين تي فيض حميد سان ملي ڀڳت جو الزام آهي. ان کانسواءِ آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سيڪٽر ڪمانڊر ڪرنل لياقت ۽ ٻه ٻيا سويلين ماڻهن سميت 34 ماڻهن کي پڪڙيو ويو آهي. اهي سڀ ماڻهو راولپنڊي ۽ اسلام آباد مان گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ انهن تي اتي ئي فوج جي تحويل ۾ رکيو ويو آهي. ملڪ جي ٻين شهرن مان به گرفتاريون ڪيون ويون آهن ۽ جنرل فيض ۽ عمران خان جي سهولتڪاري ڪندڙن جو تعداد 103 آهي. اهو سڄو نيٽ ورڪ حڪومت ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف سازش م ملوث هو. انهن مان هڪ ڀاڱي ٽي ماڻهو فوج، جڏهن ته ٻيا مختلف ادارن سان واسطو رکن ٿا. انهن ۾ واپاري، عدليه جا ماڻهو ۽ رٽائرڊ ڪامورا آهن ۽ اها 103 ماڻهن جي لسٽ اڃا به وڌي سگهي ٿي. ظاهر ۾ فيض حميد تي ٽاپ سٽي اسڪينڊل جو الزام آهي پر اصل ۾ عمران خان ۽ فيض حميد ۾ فوجي سربراهه خلاف بغاوت ڀڙڪائڻ جي سازش جو الزام آهي. ان الزام ۾ عمران خان خلاف به ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو. اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار معاملي ۾ نالو اچڻ ۽ ڪارروائي جي ڊپ کان لنڊن فرار ٿي ويو آهي. ان سان لاڳاپيل ٻيا 6 جج به محتاط ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي پاڪستان جي مشهور وڪيل ڪرنل (ر) انعام الرحيم چيو آهي ته آرمي ايڪٽ تحت فوج ۾ وڏي عهدي تي رهندڙ آفيسر رٽائرمنٽ کانپوءِ پنجن سالن تائين سياست ڪري نه ٿو سگهي. جنرل فيض کي به ان الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هاڻي فوج جو انڪوائري بورڊ انهن الزامن جي جاچ ڪندو، جنهن کانپوءِ کيس سزا ڏني ويندي. هن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. ان عمل ۾ فيض حميد سان گڏ ٽي آفيسر ملوث نه هوندا، ان ۾ ٻيا آفيسر به ملوث هوندا. ان ڏوهه جي سزا موت آهي يا 25 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي ۽ سندس سمورا اثاثا ضبط ڪيا ويندا. ان حوالي سان چارج شيٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ خبر پوندي ته مٿن الزام ڪهڙا ڪهڙا آهن. هن چيو ته فيض حميد اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه تي الزام هڻي پنهنجو بچاءُ ڪندو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان کي به بيان ڏيڻ لاءِ گهرايو ويندو ۽ ان کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. آرمي چيف عاصم منير فوج کي الزامن کان بچائڻ لاءِ اها ڪارروائي ڪئي آهي، ان جا فوج تي هاڪاري اثر پوندا. ڪجهه ڏينهن ۾ شيون اڃا واضح ٿينديون.