پارٽي سان اختلاف ختم، مون کي رڳو عمران خان ئي ڪڍي سگهي ٿو: مروت

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت پارٽي سان اختلاف ختم ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته اڄ 3 مهينن کانپوءِ عمران خان سان ملاقات ٿي، مان هٿ ملايو ۽ پي ٽي آءِ باني ڀاڪر پاتو، کليل نموني ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن چيو ته بئريسٽر گوهر سامهون 22 آگسٽ جي جلسي بابت ذميواري سونپي وئي آهي، بئريسٽر گوهر واضح پيغام ڏنو آهي ته پارٽي اختلاف نه ٿيندا، اڄ اسان کير کنڊ ٿي وياسين.
سندس چوڻ هو ته اختلاف عمران خان جي چوڻ تي ختم ڪري رهيو آهيان، مون کي رڳو پي ٽي آءِ باني ئي ڪڍي سگهي ٿو، پارٽي اڳواڻن بابت ڏنل ريمارڪس تي معذرت ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.