سکر (م ڊ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملن جا ڪيس سردخاني ۾ رکيا ويا، جيڪڏهن عدليه بروقت ۽ درست فيصلا ڪري ها ته 9 مئي جا واقعا پيش نه اچن ها. پنهنجي بيان ۾ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ انصاف جي نالي تي ناانصافي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ادارن کي ڦرلٽ جي ڇوٽ ڏني وئي. خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته رياستي طاقت کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جو حوصلو ٽوڙڻ ضروري آهي.