”بل بل پاڪستان“ ڳائيندڙ عون کوسي جي بازيابي لاءِ درخواست

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾  ”بل بل پاڪستان“  نالي گانو ڳائيندڙ يوٽيوبر عون علي کوسي جي بازيابي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عون علي کوسو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي غير قانوني حراست ۾ آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي. عدالت شهباز رضوي عون علي کوسي جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سي سي پي او لاهور کي يرغمالي کي 20 آگسٽ تائين بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عون علي کوسي گيت ”بل بل پاڪستان ڳايو“ ۽  ان کي يوٽيوب ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پوسٽ ڪيو. سندس گيت هن هفتي آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي وائرل ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.