اسلام آباد (م ڊ) حڪومت صحت واري وزارت سميت پنج وفاقي وزارتون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. خرچ گهٽائڻ لاءِ 5 وفاقي وزارتن کي ختم ڪرڻ ۽ کاتن کي ٻين وزارتن سان ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پڌرائي موجب حڪومت طرفان جن وزارتن کي ختم ڪيو ويندو انهن ۾ صحت واري وزارت، ڪشمير معاملن واري وزارت، سيفران واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت شامل آهن.