ڏيڍ لک نوڪريون ختم ۽ نين ڀرتين تي مڪمل پابندي جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت ڏيڍ لک نوڪريون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون.  جنهن ۾ هڪ کان 16 گريڊ تائين پوسٽون ختم ڪرڻ ۽ نئين ڀرتين تي مڪمل پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي ڍانچي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي ڪاروبار ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪندڙ اداري سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي جي مان پاڻ نگراني ڪندس. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي اسان جي ترجيح آهي، حڪومت جي ادارتي سڌارن جو مقصد قومي خزاني تي بار گهٽائڻ ۽ عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ آهي، اهڙا ادارا جن جي عوامي خدمت جي حوالي سان ڪا به نمايان ڪارڪردگي نه ڏيکاري، اهي قومي خزاني تي بار آهن، انهن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي يا انهن جي فوري نجڪاري لاءِ قدم کنيا وڃن.اجلاس ۾ نجڪاري جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ڪميٽي وفاقي حڪومت آڏو تجويزون پيش ڪيون، ڪميٽي ڏيڍ لک نوڪرين کي ختم ڪرڻ، نان ڪور سروسز جي آئوٽ سورسنگ ۽ عام ڪمن جهڙوڪ صفائي ۽ جينيٽورئل سروسز کي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جي ڪيترن ئي پوسٽن کي ختم ڪيو ويندو.ڪميٽي هنگامي بنيادن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي ۽ وزارتن جي ڪيش بيلنس تي ناڻي واري وزارت جي نگرانيءَ جي سفارش پڻ ڪئي، اجلاس ۾ 5 وفاقي وزارتن ۾ سڌارن بابت به سفارشون ڪيون ويون.اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت، سرحدي معاملن واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۽ قومي صحت واري وزارت ۾ سڌارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت ۽ سرحدي معاملن واري وزارت کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، پهرين ذڪر ڪيل 5 وزارتن ۾ 28 ادارن کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين وزارتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. انهن پنجن وزارتن ۾ 12 ادارن کي ضم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي.وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن تجويز ڪيل سڌارن جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي وڃي. هن انهن سڌارن تي عملدرآمد لاءِ هڪ جامع پلان پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.ٻي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پنجاب حڪومت پاران بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو پائيدار حل ڳولڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم چيو ته اسان تازو ئي وفاقي حڪومت جي ترقياتي بجيٽ مان 50 ارب جي گهٽتائي ڪئي آهي ۽ بجلي جي قيمتن ۾ رليف ڏنو آهي، جنهن مان 200 يونٽن وارا صارف فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، اهي ڊگهي مدي وارا ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.