پي ٽي آءِ ۾ بغاوت، گنڊاپور جو تختو لوڏن ۾

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي صوبائي وزير شڪيل احمد صوبائي حڪومت تي ڪرپشن ۽ پارٽي منشور کي نقصان پهچائڻ جو الزام لڳائيندي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.خيبرپختونخواهه جي ڪابينا جي ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن واري وزير شڪيل احمد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي صوبائي حڪومت تي ڪرپشن جا سنگين الزام هنيا آهن.شڪيل احمد پنهنجي استعيفيٰ ۾ دعويٰ  ڪئي آهي ته صوبائي حڪومت ڪرپشن ذريعي پارٽي منشور کي نقصان پهچايو آهي، صوبائي حڪومت عوامي مينڊيٽ خلاف وڃي رهي آهي.ٻئي طرف صوبائي حڪومت شڪيل احمد جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته شڪيل احمد خلاف ڪرپشن جي جاچ جاري آهي ۽ ان جاچ جي روشني ۾ وڏي وزير کيس عهدي تان هٽائڻ جي سمري گورنر کي موڪلي هئي.خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شڪيل احمد خلاف ڪرپشن جون شڪايتون اسان جي ڪارڪنن ۽ دوستن ڪيون هيون، شڪايتون ميڊيا ۾ به سامهون آيون.هن چيو ته اهي ڳالهيون عمران خان تائين به پهچي ويون، جنهن انهن الزامن جي جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن پنهنجي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي ۽ رپورٽ تي مشاورت بعد وڏي وزير ڊي نوٽيفڪيشن جي سمري خيبرپختونخواهه جي گورنر کي موڪلي ان دوران شڪيل احمد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ معاملو ختم ٿي ويو.ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير پاران موڪليل ڊي نوٽيفڪيشن جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.پارٽي ذريعن موجب شڪيل خان کي پي ٽي آءِ اڳواڻ عاطف خان ۽ شهرام ترڪئي گروپ جي حمايت حاصل آهي، جنهن سبب تحريڪ انصاف جا اندروني اختلاف وڌيڪ سامهون اچڻ جو امڪان آهي.

پي ٽي آءِ ۾ بغاوت، گنڊاپور جو تختو لوڏن ۾

اسلام آباد (معظم فخر) اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد جي گرفتاريءَ کانپوءِ پي ٽي آءِ ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا آهن. پنهنجي  مقبوليت وارن صوبن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وئي آهي. پنجاب جي سموري قيادت پي ٽي آءِ جي موجوده چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ عمر ايوب تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي استعيفي’ ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن ڪي پي ڪي ۾ پڻ وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو تختو لوڏن ۾ آهي. ان خلاف به بغاوت ۽ چارج شيٽ سامهون آئي آهي. ان هڪ ورڪس اينڊ سروسز واري وزير شڪيل خانزادہ گنڊاپور تي ڪرپشن، اقربا پروري ۽ خراب حڪمرانيءَ جا الزام هڻي استعيفي’ ڏئي ڇڏي آهي. انهيءَ ڀڃ ڊاهه مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ لاءِ ايندڙ دور ڏکيو اچڻ وارو آهي.

شڪيل خان کي صوبائي ڪابينا مان سازش تحت هٽايو ويو: عاطف خان

پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ميمبر قومي اسيمبلي ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وزير عاطف خان چيو  آهي ته شڪيل خان کي هڪ سازش تحت صوبائي ڪابينا مان هٽايو ويو. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاطف خان چيو ته شڪيل خان پي ٽي آءِ جي باني کي مختلف کاتن ۾ ڪرپشن بابت آگاهه ڪيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن صوبائي وزير ڪرپٽ هجي ها ته پي ٽي آءِ جو باني کيس ملاقات لاءِ نه سڏي ها.

پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي حماد اظهر جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي حماد اظهر جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ جي  ترجمان موجب پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، جنهن ۾ اتفاق راءِ سان حماد اظهر جي استعيفيٰ رد ڪندي کيس درخواست ڪئي وئي ته هو پنهنجون ذميواريون جاري رکي ۽ موجوده مشڪل وقت ۾ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ پنجاب جي صدر حماد اظهر پارٽي صدارت تان استعيفيٰ ڏيندي چيو هو ته پي ٽي آءِ ۾ ڪيترن ئي فيصلن ۾ سندس رضامندي شامل نه هئي تحريڪ انصاف لاهور جي صدر چوڌري اصغر گجر کي اڳ ئي عهدي تان هٽايو ويو هو.ذريعن موجب پي ٽي آءِ لاهور جي صدر چوڌري اصغر گجر کانپوءِ سيڪريٽري حافظ ذيشان رشيد جي به استعيفيٰ جو امڪان آهي.

شڪيل خان خلاف ڪرپشن جون شڪايتون باني وٽ پهتيون: بئريسٽر سيف

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته فيض حميد بابت خيبرپختونخواهه حڪومت جو ڪو موقف ناهي، اهو فوج جو معاملو آهي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر سيف چيو ته جنهن تي به ڪرپشن جو الزام آهي ان جي جاچ ڪئي ويندي، ڪميٽي حڪومت  کان مٿانهون ٿي پارٽي سطح تي به جاچ ڪري سگهي ٿي. بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته شڪيل خان خلاف ڪرپشن جون شڪايتون پي ٽي آءِ جي باني وٽ پهتيون هيون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وڏي وزير خلاف شڪايتون آهن ته جاچ ڪرائي ويندي، شڪيل خان کي ڪميٽي تي اعتراض آهي ته ڪاميٽي وڏي وزير نه پي ٽي آءِ باني ٺاهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.