ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان پنجاب ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته جماعت اسلامي جي مزاحمت ۽ جدوجهد رنگ لائيندي آهي. سوشل ميڊيا بيان ۾ چيائين ته پنجاب کانپوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي رليف جو دائرو سڄي ملڪ تائين وڌائڻو وندو. هن مطالبو ڪيو ته اهو رليف عارضي نه پر مستقل هجڻ گهرجي جڏهن ته ٻيون صوبائي حڪومتون ۽ وفاق به بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي معاملي تي اڳڀرائي ڪن.