ماسڪو ( م ڊ ) روس يوڪرين جي علائقي ڊونتيسڪ ۾ روسي فورسز جي اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي پنهنجي شهرين کي پوڪروسڪ شهر مان نڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب روسي فوجون هن علائقي ۾ پهچي ويا آهن.ٽيليگرام تي هڪ پوسٽ ۾، شهر جي فوجي انتظاميا جي سربراهه چيو ته، "رهاڪو نڪرڻ ۾ دير نه ڪن ڇو ته روسي فوج تيزي سان پوڪرو وسڪ جي ٻاهرئين پاسي پهچي رهيا آهن.”اها پلاسٽڪ جي ’ڪينڊي ‘ جنهن کان سواءِ ڪو به يوڪريني سپاهي محاذ تي وڃڻ لاءِ تيار ناهيڍ يوڪرين جي هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف موجب شهر ۾ گذريل ڏينهن يوڪرين ۽ روسي فوجن وچ ۾ سخت ويڙهه ٿي.ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾، صدر زييلنسڪي چيو ته شهر دفاعي قوتن لاءِ هڪ اهم مرڪز آهي. هي شهر پڻ انهن علائقن مان هڪ آهي جنهن کي روس جي سخت ترين حملن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.