اسلام آباد(م ڊ) ملڪ جي سياحتي ماڳ مري ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تصوير تي آزادي ڏهاڙي واري رات جوتا هڻندڙ جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.مري ٿاڻي تي سول ڊفينس مري جي وارڊن محمد سهيل رشيد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 11 ڄڻن کي سڃاتل ۽ 40 ڄڻن کي نامعلوم ظاهر ڪيو ويو آهي.ڪيس جي مدعي جو چوڻ آهي ته جوابدارن پي ٽي آءِ جا جهنڊا کڻي حڪومت خلاف نعرا هنيا ۽ هڪ خانگي هوٽل تي پٿراءُ ڪيو، روڪڻ تي مداخلت ۽ مزاحمت ڪئي.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن لٺيون هڻي احتشام ۽ احسن مختار کي زخمي ڪيو.