ميرپورماٿيلو ( رپورٽ : خالد وسير) ڪجهه ڏينهن اڳ ميرپورماٿيلو واسي پيرسن سهراب کٽياڻ پاڻ کي ڊرامائي انداز ۾ اغوا ڄاڻائي سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ڪرائي هئي جنهن جي بازيابي لاءِ ويندڙ ميرپورماٿيلو پوليس جي موبائيل پنجاب جي رحيميار خان واري علائقي ۾ ڪلٽي ٿي هئي جنهن دوران پنج پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا جڏهن ته مغوي ڄاڻايل سهراب کٽياڻ جو پوليس موبائيل ۾ ويٺل پٽ سعيد کٽياڻ فوت ٿي ويو ھو جنھن بعد کٽياڻ برادري جي ماڻهن ۽ مقامي سوشل ورڪرن ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس جي سامهون نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو هو ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي سرڪار پاران ڌرڻي ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت 20 سڃاتل ۽ 100 هڪ سو اڻسڃاتل جوابدارن سميت 120 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ڪيس ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ٽيم جي ساٿين سوشل ورڪرن عمار دايو, جنيد جلباڻي, نعمان مرڻاس, ضمير گڏاڻي, فيض کوسو, سڪندر سميجو, سعيد بوزدار, وقار بوزدار, نثار بوزدار ۽ ٻين کي پڻ جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي ڪيس داخل ٿيڻ بعد ميرپورماٿيلو پوليس نامزد جوابدارن جي گرفتارين لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هڻڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي پوليس ڇاپن دوران سوشل ورڪر جنيد جلباڻي ۽ نثار بوزدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس چڙهائين دوران سوشل ورڪرن جي گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن اندر گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو واضع رهي ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جيڪي سوشل ورڪر تمام گهڻو سرگرم رهيا انهن جا نالا به هن ڌرڻي ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن.