لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر حماد اظهر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حماد اظهر ”ايڪس“ تي لکيو ته بدقسمتي سان مون کي پي ٽي آءِ جي باني تائين رسائي ناهي، مون نه پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ نه ئي ڪا ڊيل ڪئي. هن لکيو ته منهنجي تحريڪ تي تمام گهڻي سختي آهي، اڊيالا مسئلو حل نه ٿو ٿي سگهي، پنجاب جي تنظيم سازي ۾ اهڙا فيصلا ڪيا ويا جن ۾ نه منهنجي راءِ شامل هئي نه ئي رضامندي. هن چيو ته انهن ۾ ڪيترائي اهڙا فيصلا ٿيا جن ۾ ميرٽ بدران لابنگ ڪئي وئي. لاهور جي صدر چوڌري اصغر کي تبديل ڪرڻ لاءِ لابنگ جاري هئي، اڄ خان صاحب کي غلط ڳالهيون ٻڌائي هدايتون مليون آهن. حماد اظهر چيو ته چوڌري اصغر جو قصور اهو آهي ته هو 2 مهينا جيل ۾ رهيو، مان اڄ کان پنجاب جي صدارت جي چارج ڇڏي رهيو آهيان، باني پي ٽي آءِ جو ڪارڪن هو ۽ انشاالله ائين ئي رهندس.