ملڪ مافيا حوالي آهي، پارليامينٽ ڪجهه نٿي ڪري ته ان کي بند ڪيو: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ مارگلا هلز نيشنل پارڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن چيف جسٽس کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻيون هجن ته اظهار جي آزادي اچي ٿي، ججن کي گاريون ڏيارڻ لاءِ ڀاڙيتو ماڻهو رکيا وڃن ٿا، جيڪڏهن همت آهي ته اڳيان اچي ڳالهايو ۽ جواب ڏينداسين، هتي هر ماڻهو هڪ ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، مارگلا هلز واري حڪم کانپوءِ سپريم ڪورٽ خلاف پروپيگنڊا شروع ٿي وئي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ مارگلا هلز نيشنل پارڪ ۽ چيئرمين وائلڊ لائيف بورڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇو نه توهان تي فرد جرم لاڳو ڪجي.  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جهنگلي جيوت کاتي جي بورڊ جي نوٽيفڪيشن پٺيان ڪير آهي ۽ ڪنهن جي چوڻ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو؟ جنهن جي جواب ۾ ڪابينا سيڪريٽريٽ ڪامران علي افضل چيو ته مون کي خبر ناهي ته نوٽيفڪيشن ڪنهن جاري ڪيو. وزيراعظم جهنگلي جيوت کاتي جي چيئرمين کي تبديل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا. چيف جسٽس چيو ته ڪابينا سيڪريٽري پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ وزيراعظم تي الزام لڳائي ڇڏيو آهي، ڪابينا سيڪريٽري وزيراعظم کي بس هيٺان ڌڪو ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته مارگلا هلز بابت حڪم کانپوءِ سپريم ڪورٽ خلاف پروپيگنڊا شروع ٿي وئي، ڌرين جي رضامندي سان حڪم جاري ڪيو ويو ته پوءِ پروپئگنڊا ڪير ڪري رهيو آهي، سپريم ڪورٽ خلاف پروپئگنڊا جي جنگ ڇو هلي رهي آهي؟ عدالت سلمان اڪرم راجا جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته مارگلا هلز نيشنل پارڪ جو مالڪ ڪير آهي، مارگلا نيشنل پارڪ الله جو تحفو آهي. سپريم ڪورٽ سي ڊي اي جي چيئرمين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته ڇا توهان پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي جا اشتهار ڏٺا آهن؟  سي ڊي اي چيئرمين چيو ته هن پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي جا اشتهار اڳ نه ڏٺا هئا پر جڏهن معاملو منهنجي علم ۾ آيو ته مون ڪارروائي ڪئي. ان تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سموري شاهراهه دستور تي خانگي سوسائٽي جا اشتهار لڳل آهن، سي ڊي اي چيئرمين ڪڏهن ايڪشن وٺندو؟ ڇا سي ڊي اي تڏهن ايڪشن کڻندي جڏهن ماڻهو هائوسنگ سوسائٽيون خالي ڪندا؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 190 ملين پائونڊ ڪيس جو ذڪر ڪندي چيو ته عوام جا 190 ملين پائونڊ ڪنهن ٻئي کي ڏنا ويا، حڪومت به ان چوري تي پردو رکيو، ان وقت جي حڪومت برطانيه مان مليل رقم ڪنهن طاقتور شخص کي ڏني، انگريز سرڪار اها رقم واپس موڪلي هئي پر حڪومت ان شخص کي واپس ڪئي جنهن چوري ڪئي هئي. چيف جسٽس چيو ته ججن کي گاريون ڏيڻ لاءِ ڀاڙي تي ماڻهو رکيا ويا آهن، جيڪڏهن توهان ۾ همت آهي ته اچي اسان جي سامهون ڳالهايو، جواب ڏينداسين. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 2018ع ۾ به مارگلا هلز جو ڪيس هليو، ماڻهن جي ڊگھي هٿن سبب اهو ڪيس ٻيهر دٻايو ويو، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ملڪ هاڻي لينڊ مافيا جي هٿن ۾ آهي، سپريم ڪورٽ تي اسان سڀ کان پهريان آڱر کنئين هئي، 10، 10 سالن کان قانون خلاف ويٺل ماڻهن کي واپس موڪليو ويو ڊيپوٽيشن تي آيل ماڻهن جي واپسي لاءِ به شور مچايو ويو. مان اظهار جي آزادي تي يقين رکان ٿو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هتي هر ماڻهو هڪ ايجنڊا تي هلي رهيو آهي، جيڪڏهن چيف جسٽس کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻيون آهن ته اظهار جي آزادي اچي وڃي ٿي، اسان وٽ دفاع لاءِ ميڊيا ٽيم ناهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته وائلڊ لائيف بورڊ کي گهرو وزارت جي ماتحت ڇو ڪيو ويو؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته وائلڊ لائيف بورڊ کي گهرو وزارت جي ماتحت آڻڻ لاءِ گهرو وزارت کان وزيراعظم هائوس کي درخواست ملي آهي. چيف جسٽس چيو ته لڳي ٿو ته اها ڪا تصوراتي ڳالهه آهي، هائوسنگ واري وزارت سي ڊي اي جي ماتحت آهي، اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، پر گهرو وزارت جو پلاننگ ۽ هائوسنگ سان ڪهڙو تعلق آهي؟ اسان چئون ٿا ته سي ڊي اي کي به گهرو وزارت مان ڪڍي ڇڏيو. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ تعليم واري وزارت کي ريلوي واري وزارت ۾ وجهي ڇڏيو، ڇو نه گهرو وزارت کي نوٽيس موڪليون؟ سڀ گڙٻڙ ختم ٿي ويندي، پارليامنٽ ڇا لاءِ هوندي آهي؟ پارليامنٽ ۾ اهڙن موضوعن تي بحث ڇو نه ٿو ٿئي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پارليامنٽ کي بند ڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.