اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا مارشل لا لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف انڪشاف ڪيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا مارشل لا جي ڳالهه نه رڳو منهنجي سامهون پر ميڙ جي وچ ۾ به ڪئي هئي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان جي جنرل باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ واري بيان تي خواجا آصف ردعمل ڏيندي چيو ته ملڪ احمد خان منهنجو ڀاءُ ۽ پٽ آهي پر هو ٻي صورتحال جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، آئون ڪا ٻئي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، منهنجي ۽ ملڪ احمد جي بيانيي ۾ ڪو فرق ناهي، هن چيو ته منهنجو حافظو درست آهي، ٿي سگهي ٿو ته گهڻو وقت اڳ جون ڳالهيون ياد نه هجن پر ماضي جون ڳالهيون ياد آهن، صحافي حامد مير کانئس سوال ڪيو ته ملڪ احمد خان چيو هو ته جنرل باجوه اين ڊي يو جي اجلاس ۾ مارشل لا جو ذڪر ڪيو هو ۽ اهو به چيو هو ته مارشل لا کانپوءِ گرفتارين جون لسٽون به تيار ڪيون ويون آهن.جنهن تي خواجه آصف چيو ته هڪ ملاقات ۾ هن (مارشل لا) جو اشارو ڪيو هو، اهڙيون ڳالهيون هن ميڙ ۾ ڪيون هيون. پروگرام جي ميزبان صحافي حامد مير سوال ڪيو ته ڇا مارشل لا جي ڌمڪي تي جنرل (ر) قمر جاويد باجوا جو احتساب نه ٿيڻ گهرجي؟ جنهن تي خواجا آصف چيو ته اهي ڪير ٿيندا آهن جيڪي باجوه جو احتساب ڪن! هن چيو ته جنرل باجوه ان وقت موجوده ڊيڊ لاڪ مٿان هڪ عارضي اشارو ڏنو هو ته مدي ۾ واڌ به هڪ آپشن ٿي سگهي ٿو. اها هڪ ڊيڊ لاڪ کي حڪ ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي هئي.خواجه آصف چيو ته جنرل باجوه پنهنجي چونڊيل ماڻهو کي اقتدار ۾ آڻڻ چاهيو پئي ته جيئن ان جو تسلسل برقرار رهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنرل باجوه ۽ فيض حميد ۾ تمام گهرا لاڳاپا هئا، جنرل باجوا پي ٽي آءِ باني کي وٺي آيو ۽ چئن سالن تائين شو هلايو، هن چيو ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل باجوا نگران دور ۾ 6 مهينن کان هڪ سال تائين پنهنجي مدي ۾ واڌ لاءِ چئي رهيو هو، بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف ڪارروائي ڪئي، پي ٽي آءِ باني ان وقت جڊيشل ڪميشن جو ڇو نه سوچيو؟ پي ٽي آءِ باني کي هن وقت بار بار ڇو عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو خيال اچي رهيو آهي؟ حڪومت چاهي ته فيض حميد واري معاملي تي عدالتي ڪميشن جوڙي سگهي ٿي.
لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته فيض حميد واري معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، هڪ اداري جنرل فيض حميد بابت پريس رليز جاري ڪئي، پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي اتفاق سان جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ محمد احمد خان چيو ته خواجا آصف جون ڳالهيون ٻڌيون آهن، جن تاريخن جو حوالو خواجا آصف ڏنو، انهن ڏينهن ۾ جنرل باجوه آمريڪا جي دوري تي هو، جنرل باجوه چٽو چيو هو ته هو ايڪسٽينشن نه وٺي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته جنرل باجوه جو چوڻ هو ته ڪيترائي آفيسر آهن، جن جو اڳتي اچڻ حق بڻجي ٿو، جنرل باجوه جي بدنيتي هجي ها ته وٽس آپشنز هئا، سندس جنرل باجوه سان سياسي ڳالهه ٻولهه تمام گهٽ ٿي هئي، هن ڪڏهن پنهنجي حد ناهي اورانگهي، خواجه آصف انٽرويو ۾ انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي ها ته بهتر ٿئي ها.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته جنرل باجوه آرمي چيف جي مقرري لاءِ سينارٽي کي هر حال ۾ نظر ۾ رکيو هو، ميرٽ تي پنج ماڻهن جي نالن جي لسٽ آئي، انتهائي سينيئر کي مقرر ڪيو ويو، خواجا آصف جي ريڪروٽ ڪندڙ ڳالهه جو سندس وٽ ثبوت ناهي، جنرل باجوا سان منهنجا دوستاڻا لاڳاپا هئا ۽ هن وقت به آهن، ڪا سياسي ڏي وٺ نه هئي.هن چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو حڪومت ڪندي آهي، جنرل باجوه کي ايڪسٽينشن ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نون ۽ سڀني ووٽ ڪيو، هن سياسي ماحول جي انتها 9 مئي تي وڃي ختم ٿي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته فيض حميد جي معاملي تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هي اداري جو اندروني معاملو آهي.