”بِل بِل پاڪستان“گيت ڳائيندڙ عون کوسو اغوا

لاهور (م  ڊ)مشهور يوٽيوبر ۽ ڪاميڊين عون علي کوسي کي اڻڄاتل ماڻهن اغوا ڪري ورتو آهي. يوٽيوبر جي ڀاءَ علي شير کوسي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي ته سندس ڀاءَ کي اڌ رات جو اڻڄاتل ماڻهن لاهور مان اغوا ڪري ورتو آهي. علي شير واهپيدارن کان پنهنجي ڀاءَ لاءِ دعا جي درخواست ڪندي اِها خبر وڌ کان وڌ شيئر ڪرڻ جي اپيل ڪئي. واضح رهي ته عون کوسي پنهنجي يوٽيوب چئنل تي بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن جي حوالي سان ” بل بل پاڪستان “ گيت رليز ڪيو هو جيڪو هاڻ ڊليٽ ڪيو ويو آهي. يوٽيوبر پنهنجي طنزيه وڊيوز ۽ موجودا حڪومت تي تنقيد جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي شهرت رکي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.