زين شاهه جي محمود اچڪزئي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات

ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه ۽ ايس يو پي وفد پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي  اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ملاقات ۾ ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ويو ته گڏيل سياسي جدوجهد ئي پاڪستان کي موجوده بحرانن مان ڪڍڻ جو واحد رستو آهي، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي کي باضابطا طور تي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، ملاقات ۾ ان ڳالھ تي ٻنهي طرفن کان اهو اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ اندر آئين ۽ جمهوريت جي بالادستي لاءِ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ، سياسي ميدان ۾ غير جمهوري ادارن جي مداخلت ختم ڪرڻ ۽ وفاق جي اندر قومي يونٽن جي اختيارن ۽ وسيلن تي اتان جي قومن جي آئيني حق کي تسليم ڪرڻ لاء گڏيل جدوجهد وقت جي سخت  ضرورت آهي، تمام جلد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت سڄي سنڌ جو دورو ڪندي جنهن ۾ سنڌ جي ٻين سياسي پارٽين کي به اپوزيشن جي ھن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي باقائده دعوت ڏني ويندي ، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر شهرام ترڪئي،اپوزيشن اتحاد جو ترجمان آخوندزاده حسين يوسفزئي،سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، مرڪزي نائب صدر عارف نياز آرائين ۽ مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري انعام ڀٽي پڻ موجود هئا، ٻئي طرف ساڳئي ڏينهن تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي وفد مجلس وحدت مسلمين جي سربراھ علامه راجا ناصر عباس جعفري ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي صدر ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراھ محمود خان اچڪزئي سان پڻ ملاقات ڪئي،وفد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو،مرڪزي نائب صدر عارف نياز آرائين ۽ مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري انعام ڀٽي شامل ھئا،سيد زين شاھ، محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس جعفري جي وچ ۾ ٿيل  ملاقات ۾ ملڪي مجموعي سياسي صورتحال ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.