اسلام آباد (معظم فخر) اڳوڻي آرمي چيف آرمي چيف جنرل عاصم منير اڳوڻن ۽ هاڻوڪن فوجي عملدارن سان اهم گڏجاڻي ڪئي آهي، ان گڏجاڻيءَ ۾ اڳوڻي ئي هاڻوڪي فوجي قيادت موجود هئي، جيڪا آرمي چيف جو سمارٽ قدم هو. ان گڏجاڻيءَ ذريعي اهو تاثر ڏنو ويو ته ملڪ جي اڳوڻي قيادت موجودہ قيادت پاران شروع ڪيل ڪاررواين جي حمايت ڪري ٿي. آرمي چيف جي رهائشگاهه تي ٿيل ان ملاقات ۾ اڳوڻي فوجي قيادت مٿس مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي سڪيورٽي به سخت ڪئي وئي آهي ۽ ساڻس ملاقاتن تي پابندي لڳائي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ساڻس گهر تي ملڻ لاءِ آيل هڪ صحافي کي جنرل قمر جاويد سان ملاقات ڪرڻ کان روڪيو ويو. هڪ ٻي خبر به گرم آهي ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل (ر) ظهير السلام کي به سوالن جوابن لاءِ گهرايو ويو آهي، هن کان به عمران خان ۽ جنرل فيض حميد بابت آڏي پڇا ڪئي ويندي.
اسلام آباد (ابصار عالم) : اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد آءِ ايس آءِ جي آڙ ۾ پنهنجي مافيا تيار ڪئي هئي. کيس اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي حمايت حاصل هئي. موجوده آرمي چيف عاصم منير پاران اڳوڻي فوجي قيادت جي مان ۾ ڪيل دعوت مان اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا جي غير موجودگي ڪيترائي سوال اٿاريا آهن. تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته جنرل باجوه جو ان ڊنر مان غائب هجڻ واضح پيغام آهي ته هو به جنرل فيض واري معاملي ۾ شڪي آهي.
نوٽ: هي تجزيا، روزاني عوامي آواز، جمعو 16 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيا