خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ۾ هلندڙ جاگيراڻي _ سولنگي تڪرار رڪجي نه سگهيو، رت جي راند ۾ سولنگي برادري جو هڪ ڄڻو وڌيڪ مارجي ويو، پير جو ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ڇٽل سولنگي تي هٿياربندن جي ڪاهه، انڌاڌنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ 40 سالن جو جان محمد سولنگي مارجي ويو، اطلاع تي پير جو ڳوٺ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جان محمد سولنگي جو لاش تحويل ۾ وٺي مقامي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، لاش هر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، واقعي خلاف سولنگي برادري جي سوين ڳوٺاڻن پير جو ڳوٺ_خيرپور لنڪ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي شفيع محمد سولنگي، رشيد سولنگي، بدرالدين سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، مظاهرين چيو ته جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن جديد هٿياربندن سان فائرنگ ڪري اسان جي برادري جي جان محمد سولنگي کي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، پر خيرپور پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مقتول جا قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، ڌريون مورچابند بڻيل آهن.