انٽرنيٽ جي سستي سبب ڊجيٽل معيشت جي بقا کي خطرو

اسلام آباد (م ڊ) انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرز (آءِ ايس پيز) ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 30 کان 40 سيڪڙو گهٽتائي  آئي آهي. وائرليس اينڊ انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي بيان موجب سيڪيورٽي ۽ نگراني کي وڌائڻ جي حڪومتي فيصلي جو غير ارادي نتيجو نڪتو آهي. انٽرنيٽ سست ٿيڻ سان آن لائن ۽ انٽرنيٽ تي ڪاروبار ڪندڙن ۾ افراتفري واري صورتحال آهي ۽ ان جو اثر ڪال سينٽرز، اي ڪامرس جي پيشيور ماڻهن، آن لائن ورڪنگ ڪلاس ۽ اليڪٽرانڪ سان واڳيل ڪاروبار ڪندڙن تي وڌيڪ پيو آهي. انٽرنيٽ جي سستي سندن ڪاروبار جي بقا کي خطري ۾ وجهي رهي آهي.

  • فائر وال جو ٻيو تجربو مڪمل، ٻن ڏينهن ۾ نيٽ معمول تي هوندي

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ انٽرنيٽ فائر وال لڳائڻ جو ٻيو تجربو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي. ٽيلي ڪام ذريعن موجب انٽرنيٽ  سهولت فراهم ڪندڙ ڪمپنين تي فائر وال لڳائي وئي آهي. سوشل ميڊيا سروسز ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ معمول تي اچي وينديون. فائر وال سان موبائيل سگنلز ۽ انٽرنيٽ سروس کي به ڊائون ڪيو ويو. ذريعن موجب قومي سلامتي کي ڏسندي فائر وال لڳائي وئي آهي، فائر وال ڊيپ پيڪٽ انسپيڪشن جي صلاحيت رکندڙ هوندي.

  • سست انٽرنيٽ سبب 50 ڪروڙ نقصان، ڪمپنيون وڃن پيون:  سينيٽر افنان الله

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ٻن هفتن ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو مسئلو حل ڪرڻ  جي هدايت ڪري ڇڏي. سينيٽر پلوشا خان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ جي معاملي تي بحث ڪيو ويو. فائر وال بابت پي ٽي اي عملدارن کي تفصيل پيش ڪرڻا هئا پر عملدار پيش نه ٿيا جنهن سبب ايجنڊا  ملتوي ڪئي وئي. سينيٽر همايون مهمند چيو ته اوهان ماڻهن جو روزگار تباهه ڪري ڇڏيو آهي. انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا ايپس سست ٿيڻ سبب ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي، اڳ ئي سيڙپڪاري ناهي ٿي رهي، ائين ته ڪاروبار تباهه ٿي ويندو. سينيٽر افنان الله چيو ته سوشل ميڊيا، واٽس ايپ تي ڊائون لوڊنگ ۽ اپ لوڊنگ ناهي ٿي رهي، انٽرنيٽ سست ٿيڻ سان گهٽ ۾ گهٽ 500 ملين جو نقصان ٿيو آهي. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري سيڪريٽري عائشا حميرا زور ڏيندي چيو ته موبائيل آپريٽرن جي سهولت ۾ خلل آيو آهي، اهو نيٽ ورڪس تي مسئلو آهي، واءِ فاءِ تي ناهي، اسان وٽ انٽرنيٽ سروس بابت ڪا شڪايت ناهي. تنهن کانپوءِ سينيٽ جي آءِ ٽي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي انٽرنيٽ سروس سست ٿيڻ سان نقصانن جي رپورٽ طلب ڪندي ٻن هفتن ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

  • سائبر حملن کي روڪڻ لاءِ فائر وال ضروري آهي: شزا فاطما

اسلام آباد (م ڊ) انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) واري مملڪتي وزير شزا فاطما چيو آهي ته سائبر حملن کي روڪڻ لاءِ فائر وال ضروري آهي، فائر وال سڄي دنيا ۾ استعمال ٿينديون آهن. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سست انٽرنيٽ جون شڪايتون مليون آهن، انٽرنيٽ ڪڏهن به سست نه ٿيڻ گهرجي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته فائيو جي جي نيلامي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل حڪومت جو دارومدار سٺي انٽرنيٽ اسپيڊ تي آهي، هن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کان گذريل ٻن هفتن جي ڊيٽا طلب ڪئي آهي،  ڊيٽا جي ٽريفڪ کي ڏسي انٽرنيٽ جي رفتار ڄاڻي سگهبي.

  • فائر وال سبب معاشي نقصان 30 ڪروڙ ڊالرن کان به وڌي سگهي ٿو: پاشا

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن (پاشا) جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ فائر وال سبب ٿيندڙ  ڊجيٽل  معاشي نقصان 30 ڪروڙ ڊالرن کان به وڌي سگهي ٿو. هڪ بيان ۾ پاشا جو چوڻ آهي ته فائر وال لڳائڻ اڳ ئي انٽرنيٽ جي خرابي جو سبب بڻيل آهي، فائر وال تي عملدرآمد وي پي اين جي خراب ڪارڪردگي سبب بڻيو، سست انٽرنيٽ ۽ وي پي اين جي خراب ڪارڪردگي وڏي نقصان جو سبب بڻي آهي. پاشا جو چوڻ آهي ته اهي رڪاوٽون نه رڳو تڪليفون آهن، پر آئي ٽي جي ترقي تي سڌو حملو آهي، انهن رڪاوٽن سبب 30 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو. حڪومت سائبر سڪيورٽي حوالي سان آءِ ٽي انڊسٽري سان مشاورت ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.