ڪراچيءَ ۾ جشن آزاديءَ تي فائرنگ، هڪ ٻارڙو قتل، 95 ماڻهو زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ جشن آزادي جي موقعي تي  فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو مارجي ويو، جڏهن ته 95 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس سرجن ڊاڪٽر ثميه سيد جي بيان موجب هوائي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل 95 ڄڻن کي ڪراچي جي ٽن وڏين اسپتالن ۾ آندو ويو. جناح اسپتال ۾ 33 مردن ۽ 6 عورتن سميت 29 زخمين کي آندو ويو، جن ۾ هڪ 74 سالن جو مرد ۽ هڪ 5 ورهين جي ٻار پڻ شامل آهن. عباسي شهيد اسپتال ۾ 34 زخمين کي آندو ويو، جن ۾ 6 کان 65 سالن جي عمر جا 25 مرد ۽ 9 عورتون شامل آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر ۾ 22 زخمين کي آندو ويو، جن ۾ 17 مرد ۽ 5 عورتون شامل آهن. هڪ زخمي جي حالت نازڪ آهي ۽ هڪ ٻارڙو علاج دوران فوت ٿي ويو. هوائي فائرنگ جا اهي واقعا ڪورنگي، لانڍي، لياري، ناظم آباد، گلشن اقبال، لياقت آباد، سهراب ڳوٺ ۽ گوليمار سميت مختلف علائقن ۾ پيش آيا. ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ پوليس فائرنگ جي الزام ۾ 14 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ڪورنگي ضلعي مان فائرنگ جي واقعن ۾ ملوث 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا. سينٽرل ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۾ 14 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس بيان موجب گولي لڳڻ سبب هڪ ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان لائسنس وارو  پستول هٿ ڪيو ويو. سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه خواجه اجمير نگري، نيو ڪراچي، سر سيد، سپر مارڪيٽ، حيدري مارڪيٽ، پاپوش نگر، جوهر آباد ۽ گلبهار  ٿاڻن جي پوليس به هوائي فائرنگ ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.