ڪراچي(رپورٽر) ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين ملڪ بوستان حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو سيڙپڪارن کي اعتماد ڏي ته ايڪسچينج ڪمپنيون حڪومت کي ماهوار 40 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪري رهيون آهن، حڪومت کي هڪ ارب ڊالر ماهوار ڏيڻ جي آڇ به ڪئي آهي پر اڃا تائين اجازت ناهي ملي، ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن پاران ڪراچي ۾ يوم آزادي جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ بوستان چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا جي ڪا به کوٽ ناهي، رڳو اعتماد جي ضرورت آهي. هن چيو ته ايڪسچينج ڪمپنيون پاڪستان ۽ هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهن، اعتماد بحال ٿيو ته پرڏيهه ۾ موجود پاڪستانين جا 200 ارب ڊالر واپس اچي سگهن ٿا، سوشل ميڊيا ذريعي غلط فهمي پکيڙي پئي وڃي، فوج نه هجڻ جا مسئلا عراق، لبيا ۽ ٻين متاثر ملڪن جي حڪومتن کان پڇڻ گهرجي.هن چيو ته وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماهر هنرمندن پرڏيهه جو رخ ڪيو آهي.