پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪري رهي آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، حورالنساءَ پليجو ۽ ايڊووڪيٽ / عبدالله ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪارونجهر ۽ گورک سميت سمورن تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن تي عالمي سامراجي قوتن جي ميري اک آهي، پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمن فيصلن سبب سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سنڌ ۾ لکين ٻارڙا کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، حڪومت جي سنڌ دشمن پاليسين سبب کاڌ خوراڪ جي هٿرادو کوٽ انتها تي پهچي چڪي آهي، زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، مٿان وري 6 نوان ڪينال ڪڍي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي ڏنو ويندو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ هڪڙي پاسي سنڏ جو پاڻي ڦريو پيو وڃي ته ٻي طرف سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي، لکين هارين کي بي دخل ڪري بي روزگار ڪيو ويندو، ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا سنڌي قوم جي نسل ڪشي برابر آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ختم ڪري زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن. سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڪارونجهر، ڪينجهر ۽ گورک سميت سنڌ جي سمورن سياحتي ماڳن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ هنگامي اپاءَ ورتا وڃن، ڪارونجهر جي ڪٽائي جي سازش ڪندڙن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.