شهيد ذوالفقار ڀٽو کي عوامي خدمتن تي نشان پاڪستان ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) صدر آصف زرداري 104 پاڪستانين ۽ پرڏيهين کي ايوارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ايوان صدر مان جاري ڪيل پڌرائي موجب 104 پاڪستانين ۽ پرڏيهين کي پاڪستان لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اهي ايوارڊ 23 مارچ 2025 تي هڪ خاص ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب ۾ ڏنا ويندا.جاري ڪيل پڌرائي موجب شهيد  ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کي عوامي خدمتن جي اعتراف ۾ نشان پاڪستان، راندين جي ميدان ۾ ارشد نديم کي هلال امتياز،نادر مگسي کي نشان امتياز،  مراد سدپاره کي ستاره امتياز، مرحوم ناصر ڪاظمي کي نشان امتياز سان نوازيو ويندو، پاڪستان لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ شهزادي عبدالعزيز بن سلمان آل سعود کي هلال پاڪستان، امير حفيظ ابراهيم کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هلال امتياز، ڊاڪٽر غلام محمد علي ۽ سردار محمد آفتاب احمد خان وٽو کي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو. ڊاڪٽر ساره قريشي،  ڊاڪٽر رفيع الدين ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عثمان قمر کي تمغا امتياز، عمر فاروق  کي هلال امتياز ، سعديه رشيد کي هلال امتياز، ضياءُ الحق، ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين ۽ سيد اظهر حسين عابدي کي تعليم جي شعبي ۾ ايوارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.ميڊيسن شعبي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شهريار ۽ ڊاڪٽر زرياب کي هلال امتياز، ڊاڪٽر عاڪف الله خان، ڊاڪٽر سيد عابد مهدي ڪاظمي، اڪرام الله خان کي نشان امتياز،فنون جي شعبي ڪان ڊيوڊ کي به ستارا امتياز سان نوازيو ويندو،  فريحا پرويز، حامد رانا، شيبا ارشد ۽ نويد احمد ڀٽي کي صدارتي ايوارڊ فار ايڪسيلنس سان نوازيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.