ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آزادي جي ڏهاڙي تي مايوسي پکيڙڻ وارن کي سخت وارننگ ڏيندي چيو ته مايوسي پکيڙڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هي قوم اڳي به مشڪل دور مان نڪري آئي آهي، مقابلو ڪندي ۽ اڳي کان وڌيڪ طاقتور ٿي سامهون ايندي..مزار قائد تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هن وقت ملڪ ۾ بحران جو وڏو سبب اهي عنصر آهن جيڪي قوم خاص ڪري نوجوانن ۾ مايوسي پکيڙي رهيا آهن. مشڪلاتون ضرور آهن پر حالتون ايتريون خراب ناهن جيتريون ڪجهه عنصر پنهنجي سياسي ۽ ذاتي مفاد خاطر ٻڌائي رهيا آهن. اهي وساري رهيا آهن ته هي قوم ڪيتري نه سخت آهي. 2022ع جي ٻوڏ ۽ ان کان پوءِ قوم جو ٻيهر اڀرڻ ان جو ثبوت آهي. هن چيو ته ٻوڏ کان پوءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل هتي آيو هو ۽ هن سوچيو هو ته پاڪستان چئن سالن تائين ٻڏل هوندو.پر هن قوم ان ڏکيائي کي منهن ڏئي پنهنجي اتحاد ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو. نفرت ۽ نااميدي پکيڙڻ وارا هن ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو عوام اصل طاقت جو سرچشمو آهي. اهي ئي ماڻهو هن ملڪ کي موجوده مشڪل صورتحال مان ڪڍندا. وڏي وزير پاڪ فوج ۽ پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اچو ته صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ملڪ کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جي نظريي موجب ترقي ڏيارڻ جو عزم ڪريون. ان کان اڳ مزار قائد تي پهچڻ تي آءِ جي سنڌ پوليس، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين وڏي وزير جي آجيان ڪئي.