مٽياري ) رپورٽ: ضمير خاصخيلي) سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي، ڪچي ۾ ڌاڙيل گهمي رهيا آهن سنڌ جا اصل وارث هندو ملڪ ڇڏي هجرت ڪري رهيا آهن، جنرل عاصم منير صاحب سنڌ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي اوهان پاڪستان جا آرمي چيف آهيو سنڌ به پاڪستان جو حصو آهي اوهان سنڌ جي عوام کي تحفظ ڏيو اسان جا سياستدان اقتدار لاء ڪجھ بہ ڪري سگھن ٿا . اهڙو اظهار مخدوم جميل الزمان 14 آگسٽ بابت تقريب دوران خطاب ۾ ڪيو. سروري جماعت جي روحاني پيشوا پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان طرفان جشن ازادي جي سلسلي ۾ هالا ۾ آزادي تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب کي خطاب ڪندي مخدوم جميل الزمان چيو تہ اڄ جيڪو ڪجھ مان چئي رھيو آھيان اھو مان ذاتي حيثيت سان چئي رھيو آھي آھيان ان ۾ منھنجي پارٽي جي رائي شامل ناھي رڪن. مخدوم جميل الزمان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير کي مخاطب ٿيندي چيو ته جنرل صاحب اوھان پوري ملڪ جا آرمي چيف آهيو. سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ٿيل آهي سکر ڊويزن جي ڪچي مان ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن جن مٿان تشدد ڪري انهن کان ڀنگ وصول ڪيا پيا وڃن. سنڌ جا هندو واپاري ڀائر ملڪ مان هر روز هجرت ڪري ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن سنڌ حڪومت انھن کي تحفظ فراھم نہ پئي ڪري سگھي اوھان مداخلت ڪيو ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪيو، سنڌ جي ڪچي ۾ آپريشن ڪرايو ڌاڙيلن کي ختم ڪري سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرايو اھو سنڌ حڪومت جي وس ۾ ناھي. اسان جا سياستدان اي سي ۾ ويهي سڪون واري زندگي گذاريندا آهن اقتدار ۾ اچڻ وقت اسٽيبلشمينٽ جون تمام گهڻيون تعريفون ڪندا آهن ۽ وزير اعظم صدر بڻنجدا آهن پوءِ وري اقتدار جي خاتمي کانپوءِ کين آڻڻ وارن تي الزام تراشيون ڪندا آهن. فوج ملڪ جي حقيقي نگھبان آھي ھن چيو تہ حڪومتون ناڪام ٿي چڪيون آھن وفاقي حڪومت مان ڪا اميد ناھي ھن چيو تہ چاھي جمھوريت ھجي يا مارشل لا اسان پنھنجي فوج سان گڏ بيٺل ھونداسين.