قصور(م ڊ) قصور ۾ مصطفيٰ آباد پوليس ڳوٺ راءِ ڪلان ۾ توهين رسالت جي الزام ۾ عورت سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق پاڪ ڪتاب جا صفحا ساڙڻ جي الزام ۾ خانگي اسڪول جي مالڪ ۽ سندس گهر جي بورچي خلاف قلم 295 بي تحت فوجداري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ٻئي جوابدار فرار ٿي ويا، جنهن بعد راءِ ڪلان ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي مسجدن ۾ اعلان ڪيا ويا. پوليس موجب سڪيورٽي خدشن سبب گهر جي مالڪ کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب ڪيس ۾ انسپيڪٽر جاچ آفيسر آهي ۽ مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيو آهي.