بنگلاديش ۾پيشي دوران شيخ حسينه جي حمايتين جي انڊن سان آجيان

ڍاڪا ( م ڊ ) شيخ حسينا جي وزارت عظميٰ تان استعيفيٰ ڏيڻ ۽ ملڪ مان فرار ٿيڻ جي باوجود عوام ۾ ڪاوڙ برقرار آهي. عدالت ۾ پيشي دوران شيخ حسينه واجد جي حمايتين تي پٿراءُ ڪيو ويو.ڍاڪا ۾ چيف ميٽروپوليٽن مئجسٽريٽ ڪورٽ جي ٻاهران، وڪيلن ۽ عوام جي ميمبرن اڳوڻي  وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي خانگي صنعت جي صلاحڪار سلمان ايف رحمان ۽ اڳوڻي قانون واري وزير انيس الحق کي کڻي ويندڙ پوليس وين تي آنڊا اڇلايا.شيخ حسينه واجد جي دور ۾ وفاقي وزير رهندڙ ٻن جوابدارن کي گذريل ڏينهن پاڻي رستي فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو ويو هو، جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت انيس الحق ۽ سلمان ايف رحمان کي 10 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عوامي ڪاوڙ سبب جوابدارن کي پنجري نما سيل ۾ محفوظ بڻائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدارن تي ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج دوران 24 ورهين جي شاهجهان علي کي قتل ڪرائڻ جي سازش جو الزام آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.