ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت سڄي ملڪ ۾ 15 آگسٽ تي عام موڪل رد ڪري ڇڏي آهي.موڪلن ختم ڪرڻ جو فيصلو عبوري ڪابينا اتفاق راءِ سان ڪيو. گهرو وزارت موجب امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس کي مقرر ڪيو ويندو.ياد رهي ته 15 آگسٽ عوامي ليگ جي باني ۽ سقوط ڍاڪا جي مرڪزي ڪردار شيخ مجيب الرحمان جي ورسي آهي، ملڪ ۾ سوڳ جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، کيس 15 آگسٽ 1975ع تي فوجي بغاوت ۾ قتل ڪيو ويو هو.