اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي 78 هين يوم آزادي جي موقعي تي 104 پاڪستاني ۽ پرڏيهي شخصيتن کي پاڪستان لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ سول ايوارڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 23 مارچ 2025 تي هڪ تقريب ۾ سڀني ماڻهن کي سول ايوارڊ ڏنا ويندا. ايوارڊز سائنس، انجنيئرنگ، تعليم، طب، آرٽس، ادب، راندين، سماجي خدمتون، انسان دوستي، انٽرپرينئرشپ، ٽيڪس ادا ڪندڙ ۽ برآمد ڪندڙ، عوامي خدمتن، بهادري ۽ خدمتن جي شعبن ۾ ڏنا ويندا.ان لسٽ ۾ اوورسيز پاڪستاني عمر فاروق جو نالو به شامل آهي. جنهن کي هلال امتياز ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي توشه خاني مان واچ وٺڻ جو معاملو وائکو ڪندڙ عمر فاروق کي اعزاز سان نوازيو ويندو.
-
والدين پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ سهڪار ڪن: مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ حڪومت ڪراچي شهر ۾ 15 آگسٽ کان 25 آگسٽ تائين شھر جي 85 يونين ڪونسلز ۾ پوليو کان آزادي واري مھم جي شروعات ڪئي وئي. مھم دوران 11 لک ٻارن کي انجيڪشن لڳايون وينديون، انتھائي حساس علائقن ۾ چئن مھينن کان پنجن ورھين جي 10 لک 87 ھزار ٻارن کي جديد انجيڪشن لڳايون وينديون. پوليو مھم 15 کان 25 آگسٽ 2024ع تائين جاري رھندي . اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي شھر جي علائقي گارڊن ايسٽ ۾ قائم خالد جميل ڊسپينسريءَ ۾ ٻارن کي ڦڙا پياري پوليو کان آزاديءَ واري مھم جو افتتاح ڪندي چئي. ان موقعي تي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو، صوبائي وزير رٿابندي ۽ توانائي سيد ناصر حسين شاھھ، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ثقافت وارو وزير ذوالفقار شاھ پڻ موجود ھئا. وڏي وزير چيو تھ پوليو کان متاثر ڪراچي جي حساس علائقن ۾ جديد انجيڪٽر ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان شهر کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ ۾ مدد ملندي ته جيئن وائرس صوبي جي ٻين علائقن ۾ پکڙجي نه سگهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ پوليو جا 14 ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان ٻه سنڌ ۾ رپورٽ ٿيا آهن. پوليو هڪ موذي مرض آهي جيڪو ٻار جي زندگي تباهه ڪري ٿو. وڏي وزير چيو ته هيلٿ ورڪرز، رضاڪارن ۽ سماجي اڳواڻن جي ڏھاڪن کان سهڪار سان پوليو جي ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پر وائرس اڃا به موجود آهي، جنهن لاءِ اسان کي محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. ڪاميابي والدين، سرپرستن ۽ سماجي اڳواڻن جي مدد سان ئي ممڪن آهي. هن زور ڀريو ته پاڙي ۾ هڪ به ٻار ويڪسينيشن کان رهجي نه وڃي. وڏي وزير ھيلٿ ورڪرز، رضاڪارن ۽ پوليو مهم ۾ شامل سمورن ماڻهن جا ٿورا مڃيا ۽ انهن جي عزم کي پوليو خلاف جنگ ۾ اھم جٿو قرار ڏنو. مراد علي شاهه چيو ته اسان گڏجي پوليو کان آزادي حاصل ڪري سگهون ٿا .
-
پاڪستان سان لاڳاپن لاءِ قانون جي حڪمراني اهم آهي: انٽوني بلنڪن
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته مان پاڪستان، آمريڪا ۽ سڄي دنيا ۾ آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ وارن کي آزادي جون مبارڪون ڏيان ٿو. پاڪستان جي يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن پاڪستانين کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته آمريڪي عوام طرفان پاڪستانين کي دلي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. انٽوني بلنڪن چيو ته جمهوري اصولن ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ اسان جي گڏيل عزم کي مضبوط ڪندي، اسان هڪ پارٽنرشپ کي جاري رکڻ جا منتظر آهيون جيڪا ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ محفوظ بڻائي. هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ اسان پاڪستان ۽ آمريڪا جي پارٽنرشپ کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوام کان عوام جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ سان ٻنهي قومن لاءِ وڌيڪ خوشحال مستقبل پيدا ڪنداسين.
-
ڪوئيٽا ۾ ريلوي اسٽيشن ڀرسان 2 بم ڌماڪا، ٻارڙن سميت 7 مسافر زخمي
ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ ريلوي اسٽيشن ويجهو ٻن دستي بم ڌماڪن ۾ 5 ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ريلوي اسٽيشن ويجهو هوٽل ويجهو اڻڄاتل ماڻهو 2 دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، جيڪي زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيا، ڌماڪي جي نتيجي ۾ جعفر ايڪسپريس ۾ سوار 5 ٻارڙن سميت 7 مسافر زخمي ٿي پيا.ڌماڪي کانپوءِ امدادي رضاڪارن زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.