ٽوڪيو(م ڊ) جاپاني وزيراعظم فوميو ڪشيدا اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ مهيني شين جي اگهن ۾ واڌ، سياسي تڪرار ۽ عوام جي بي اعتمادي سبب استعيفيٰ ڏيندو. عالمي خابرو اداري موجب جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪشيدا پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيو آهي ته جيئن سياسي سڌارا جاري رکي سگهجن. جاپاني وزيراعظم فوميو ڪشيدا پڻ تصديق ڪئي آهي ته هو لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ جي حيثيت سان ٻيهر چونڊ نه وڙهندو. واضح رهي ته 67 سالن جي فوميو ڪشيدا آڪٽوبر 2021ع کان وزيراعظم جو عهدو سنڀالي رهيو آهي پر هاڻ وڌندڙ مهانگائي ۽ ٻين اسڪينڊلن سبب سندس ۽ سندس پارٽي جي مقبوليت ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي.