سنڌ حڪومت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ انتهائي قدم کڻي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته ڪرپشن هڪ وڏي لعنت آهي، ان جي خاتمي  لاءِ ڪنهن به انتهائي قدم کڻڻ کان پاسو نه ڪيو وڃي.ڪالهه بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان صوبائي صدر نثار کهڙو ۽ اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير محمد بخش خان مهر سميت ٻين عهديدارن ۽ وزيرن ملاقات ڪئي.ملاقات بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي ملاقات ڪئي، جنهن دوران سنڌ جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ ملڻ کانپوءِ مختلف ادارن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني.بلاول ڀٽو زرداري سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو کي هدايت ڪئي ته هو ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري.اينٽي ڪرپشن، راندين ۽ زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر به بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ ۾ راندين جي فروغ ۽ هارين جي تحفظ بابت حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو، محمد بخش مهر بلاول ڀٽو کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن خلاف قدمن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.