راولپندي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان، جنرل فيض جي گرفتاري کي فوج جو اندروني معاملو قرار ڏئي ڇڏيو. اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان وڪيل اڳواڻن ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ عمران خان جي وڪيل انتظار پنجوٿا ٻين وڪيلن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني سان تفصيلي ملاقات ٿي، عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، نوجوانن جي اميد ختم ٿي رهي آهي، قاضي فائز عيسيٰ کي هاڻ پوئتي هٽڻ گهرجي. سندس موجب پي ٽي آءِ باني چيو ته جنرل فيض جي گرفتاري فوج جو اندروني معاملو آهي، پي ٽي آءِ جو جنرل فيض جي گرفتاري سان ڪو واسطو ناهي، اها ڳالهه واضح آهي ته جنرل فيض سان ڪو سياسي واسطو نه هو، جنرل باجوا نواز شريف سان ڊيل ڪري جنرل فيض کي تبديل ڪيو هو. عمران خان چيو ته جيڪڏهن جنرل فيض جي گرفتاري جو واسطو 9 مئي سان آهي ۽ ان جو 9 مئي ۾ ڪو ڪردار آهي ته اهو سٺو موقعو آهي ان لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ 9 مئي جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون آندا وڃن. عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، پاڪستان جون حالتون بنگلاديش کان به خراب آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي هاڻي پوئتي هٽڻ گهرجي، سومر تي اسان جون 3 سيٽون کسي ويون آهن.