مصطفيٰ ڪمال کان پوءِ مخدوم جميل ۽ عشرت العباد ۾ رابطو

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مخدوم جميل الزمان سان  مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني کانپوءِ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد جو رابطو ٿيو آهي.  مٽياري مان مخدوم هائوس جي ترجمان موجب سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي مخدوم جميل الزمان وچ ۾ رابطو ٿيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ قومي اتحاد تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن ملڪ لاءِ هڪ ٻئي جي خدمتن کي ساراهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.