سانگهڙ ۾ ٽرڪ جو رڪشا کي ٽڪر، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، 2 ڄڻا زخمي

سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگهڙ لڳ ورڪشاپ روڊ تي منگلي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پوسٽ ويجهو ٽرڪ رڪشا کي ٽڪر هڻي ڪڍيو جنهن سبب 4 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوت ٿيلن ۾ هڪ عورت هڪ مرد ۽ 2 ٻارڙا شامل آهن. فوتين جو تعلق لغاري برادري سان هو جيڪي چڪ 2 پنجاب جا ٻڌايا پيا وڃن. فوتين ۾ 50 سالن جي رابعه، 12 سالن جو نعيم، 6 سالن جو عدنان ۽ 35 سالن جو ياسر لغاري شامل آهن. زخمين ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت شامل آهن جن کي مقامي ماڻهن رڪشا تي اسپتال پهچايو جڏهن ته لاش ڪلاڪ تائين روڊ تي پيل رهيا. واقعو پوليس چوڪي کان هڪ سئو ميٽر پري پيش آيو. ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس چوڪي ​​تي ڪو به اهلڪار نه هو. مقامي ماڻهن جي اطلاع تي پوليس دير سان حادثي واري هنڌ پهتي. ماڻهن ٽرڪ ڊرائيور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو. فوتين جا لاش 1122 ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا جڏھن هڪ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ ريفر ڪيو ويو. ٽرڪ ڊرائيور گجري مان سامان لوڊ ڪرڻ لاء وڃي رهيو هو ۽ رڪشا ۾ سوار مسافر سانگهڙ کان پنهنجي ڳوٺ واپس وڃي رهيا هئا.ٽرڪ رڪشا کي ڪراس ڪري رهي هئي ته حادثو پيش آيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.