ڪراچي ۾ گجر نالي جي متاثرن جو عدالتي فيصلي موجب حقن لاءِ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) شهر جي گجر نالي جي متاثرن شمس بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي سنڌ حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آف  پاڪستان کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي  عملدرآمد ڪرائي متاثرن کي متبادل جڳھ تي پلاٽ ۽ اڏاوتن جو خرچ ڏنو وڃي. هنن چيو ته گجر نالي جا سڀئي متاثر غريب مسڪين آهن بي گهر ڪري ظلم ڪيو ويو جنهن جو ازالو اڃا تائن نه ٿي سگهيو آهي. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب حق ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.