ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتاز سنڌي+ عرفان علي کوسو) ڪنڌڪوٽ پوليس جي تشدد ۾ مرڻ گهڙي تي پهتل نوجوان جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او رفيق کيڙو جي مبينا تشدد جو شڪار نوجوان پپو بهلڪاڻي زندگي ۽ موت جي ٻي واٽي تي بيٺل آهي، ايس ايڇ او رفيق کيڙو بدترين تشدد ڪرڻ بعد نوجوان کي لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال حوالي ڪري ڇڏيو، 2 ڏينهن اڳ نوجوان جي آزادي لاءِ سندس وارثن پاڪ ڪتاب کڻي اي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو هو، ذريعن کان اهو معلوم ٿيو ته ايس ايڇ او رفيق کيڙو نوجوان پپو بهلڪاڻي جي وارثن کان سندس آزادي لاءِ 7 لک روپيا روڪ ۽ هڪ موٽرسائيڪل ڏيڻ جي ڊمانڊ ڪئي هئي، جيڪا نوجوان پپو بهلڪاڻي جي وارثن جي ڏيڻ جي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ ٺيڪ 4 ڏينهن کانپوءِ ايس ايڇ او اي سيڪشن نوجوان پپو بهلڪاڻي جي وارثن کان هڪ لک روپيا طلب ڪيا جيڪي وارث کڻي پهتا، جيڪي ايس ايڇ او پئسا وٺي هڪ ڪلاڪ اندر نوجوان حوالي ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ذريعن موجب پوليس جي تشدد سبب نوجوان پپو بهلڪاڻي جي حالت خراب ٿيڻ بعد سندس وارثن کي ايس ايڇ او رفيق کيڙو ڪنڌڪوٽ جي مسڻ موڙ واري هنڌ گهرائي چيو ته اوهان جو نوجوان بي ڏوهي آهي ايس ايس پي حڪم ڏنو ته نوجوان کي وارثن حوالي ڪيو وڃي، اوهان پنهنجا هي هڪ لک روپيا واپس وٺو ۽ اسٽامپ پيپر تي آڳوٺا هڻي اسان کي ڏيو جنهن به حالت ۾ اوهان جو نوجوان آهي اوهان کي خاموشي سان وٺي وڃڻو آهي. ذريعن موجب ايس ايڇ او جي اهڙي خيالن بعد وارثن انڪار ڪيو ۽ چيو ته اسان اسٽامپ تي آڳوٺا ڇو هڻون؟ جڏهن اسان جو نوجوان بي قصور آهي ته اسان جي حوالي ڪيو وڃي ذريعن موجب وارثن جي اهڙي جواب بعد ايس ايڇ او نوجوان کي وارثن حوالي ڪرڻ کانسواءِ ئي اُتان واپس هليو آيو، ذريعن موجب ايس ايڇ او اي سيڪشن پاران نوجوان پپو بهلڪاڻي مٿان انسانيت سوز تشدد واري معاملي کي ميڊيا تي اچڻ کان روڪڻ جون تمام گهڻيون ڪوششون به ڪيون ويون، ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق کيڙو نوجوان جي وارثن کي نوجوان کي آزاد ڪري سندن حوالي ڪرڻ لاءِ شخصي ضمانت به گهري هئي ۽ وارثن تي دٻاءُ وڌو ۽ شرط رکيو هو ته زخمي نوجوان کي ميڊيا سامهون نه آندو ويندو. نوجوان پپو بهلڪاڻي مٿان انسانيت سوز تشدد ڪرڻ بعد معاملي جو آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ نوٽيس نه ورتو، نوجوان جا وارث انصاف جي طلب لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندا رهيا پر ايس ايس پي جي ڪن تي جونءَ به نه سُري ۽ ايس ايڇ او رفيق کيڙو خلاف ڪابه محڪماڻي ڪارروائي نه ٿي سگهي. نوجوان پپو بهلڪاڻي جي وارثن الزام هنيو آهي ته اسان جي نوجوان پپو بهلڪاڻي کي ايس ايڇ او رفيق کيڙو انسانيت سوز تشدد ڪيو آهي، پوليس پپو بهلڪاڻي سميت 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو هو ته اسان کان پوليس پئسا گهريا، نه ڏيڻ جي صورت ۾ پپو مٿان سخت تشدد ڪري کيس مرڻ گهڙي واري حالت ۾ ڇڏيو ويو، جيڪو اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ٻي واٽي تي بيٺل آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان مٿان انسانيت سوز تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او رفيق کيڙو ۽ ملوث اهلڪارن مٿان سخت ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
-
ساڃاهه وندن پاران ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو
ڪنڌڪوٽ: نوجوان پپو بهلڪاڻي جي تشدد واري حالت ۾ تصوير وائرل ٿيڻ بعد مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران پوليس جي اهڙي رويي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، ملوث پوليس عملدار ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ جسقم جساف جي والي ڏنو سنڌي، شاهنواز مرهيٽو، عباس باجڪاڻي ۽ ٻين چيو ته هي پوليس عوام کي ڪهڙو پيغام پئي ڏي پوليس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندڙ آهي يا انهن جي دشمن؟ اسين نوجوان پپو بهلڪاڻي جي حالت ڏسون پيا اسان کي تمام گهڻو دلي صدمو رسيو آهي ۽ پوليس عملدار ۽ پوليس اهلڪارن جي اهڙي انسانيت سوز تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق کيڙو ۽ پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري معاملي جي صاف شفاف نموني سان انڪوائري ڪرائي ملوث پوليس عملدار ۽ پوليس اهلڪارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي .
-
بوکلائجي ويل ايس ايڇ او نوجوان کي اسپتالن ۾ گهمائيندو رهيو!
ڪنڌڪوٽ: 3 ڏينهن اڳ ايس ايڇ او رفيق کيڙو تشدد جو شڪار نوجوان پپو بهلڪاڻي کي ڪنڌڪوٽ جي مقامي اسپتالن ۾ علاج لاءِ گهمائيندو رهيو، اطلاع تي ميڊيا جا نمائندا ۽ نوجوان جا وارث اسپتال ۾ ڦرندا رهيا ۽ آخرڪار نوجوان ڪنڌڪوٽ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ بيهوشي واري حالت ۾ مليو، جتي سندس علاج هلندڙ هو، صحافين جي پهچڻ تي ايس ايڇ او ۽ پوليس اهلڪار رڪارڊنگ کان روڪيندا رهيا، جنهن بعد ايس ايڇ او مرڻينگ نوجوان کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويو، جنهن بعد کيس لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، نوجوان جي تشدد واري حالت ۽ اسپتال ۾ علاج واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس مٿان ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نوجوان جي وارثن ۾ غم ۽ صدمي واري لهر ڇانيل آهي.
-
چوريون ۽ ڦرون عام، ڏوهاري ”ڊيل“ذريعي آزاد ٿي وڃن ٿا: ذريعا
ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڦرلٽ ۽ چوري جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، ايس ايڇ او رفيق کيڙو جي مقرري بعد ڪنهن به متاثر کي چوري واپس نه ملي آهي، چوري ۽ ڦرلٽ جي الزام ھيٺ ڪيترائي جوابدار گرفتار ڪيا آهن جن کي ڊيل ذريعي مال مٺائي وٺي ڇڏي ڏنو وڃي ٿو، جنهن بابت به ايس ايس پي بشير بروھي سميت وس وارن ڪا به پڇا نه ڪئي، نه ئي ڪا ڪارروائي ڪئي آهي.
-
ڪيترائي نوجوان ايس ايڇ او جي تشدد جو شڪار بڻجي چڪا
ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ماضي ۾ به ايس ايڇ او رفيق کيڙو بدمست ٿي وين ڊرائيور تي غوثپور ۾ به تشدد ڪيو ھو، ذريعن موجب ٿاڻي تي ايندڙ معزز شھرين سان به بدتميزي سان پيش اچڻ جا به ڪيترائي واقعا پيش آيا جنهن بابت شڪايت ڪرڻ باوجود ايس ايس پي بشير بروھي ڪو به ازالو نه ڪيو آهي، ڪجھه مھينا اڳ پريس ڪلب آڏو چاچڙ ۽ نصيراڻي برادري ۾ معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿيو، متاثر چاچڙ نوجوان پوليس آڏو دانھون ۽ ڪوڪون ڪيون ته ايس ايڇ او رفيق نوجوان مٿان بيرحماڻو تشدد ڪيو ھو جنهن سبب نوجوان ھلڻ ڦرڻ کان به رھجي ويو آهي.
-
بلڊ پريشر چيڪ ڪريان پيو! ايس ايڇ او جو موقف ڏيڻ کان انڪار
ڪنڌڪوٽ: نوجوان پپو بهلڪاڻي مٿان تشدد الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق کيڙو کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو ڪن لاٽار ڪندو رهيو، ايس ايڇ او اي سيڪشن کان سوال ڪيو ويو ته اوهان نوجوان مٿان تشدد ڪيو آهي جنهن جي حالت خراب ٿي وئي آهي ۽ معلوم ٿيو آهي ته هو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي؟ جنهن تي ايس ايڇ او رفيق کيڙو جواب ڏنو ته آءُ اسپتال آيو آهيان پنهنجو بلڊ پريشر چيڪ ڪرائڻ لاءِ! اهو چئي ايس ايڇ او ڪال ڪٽي ڇڏي.