شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو جوابدار شهباز لنڊ چيئرمين طور بحال

سکر(رپورٽ: آزاد مهر)  سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران سنڌ حڪومت جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري شهيد صحافي نصرالله  گڏاڻي قتل ڪيس جي جوابدار شهباز لنڊ کي ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو جي چيئرمين طور بحال ڪري ڇڏيو ۽ چيف سيڪريٽري. مڪاني اداري واري صوبائي سيڪريٽري ۽ ٻين کان 4 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. هٽايل ميونسپل چئرمين شهباز لنڊ پنهنجي معطلي واري سنڌ سرڪار جي فيصلي خلاف وڪيل قربان ملاڻو معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي  جسٽس ذوالفقار خان ۽ جسٽس مبين  لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، وڪيل قربان ملاڻو ۽ وڪيل اسرار شاهه موجب عدالت سنڌ حڪومت جي معطلي واري نوٽيفڪيشن تي اسٽي آرڊر جاري ڪري شهباز لنڊ کي ميونسپل ڪاميٽي چئرمين جي عهدي تي بحال ڪيو آهي، جڏهن ته شهباز لنڊ کي معطل ڪرڻ واري جاري ڪيل نوٽيفڪيشن بابت عدالت چيف سيڪريٽري، مڪاني اداري جي صوبائي سيڪريٽري ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کان 4 سيپٽمبر تي جواب پڻ طلب ڪري ورتو آهي، واضح رهي ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن جي مطالبي تي ڪجهه عرصو اڳ سنڌ حڪومت شهباز لنڊ کي چئرمين جي عهدي تان هٽايو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.