پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي ) پيرڳوٺ ڀرسان ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن الزام هيٺ هلندڙ تڪرار ٻيهر تيز ٿي ويو فائرنگ ۾ نوجوان شهزور جاگيراڻي مارجي يو. جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب محمد مٺل جاگيراڻي، نينگر ببلو جاگيراڻي ، نوجوان ناري سائشته جاگيراڻي ۽ واٽ ويندڙ ارشاد ڪوري سخت زخمي ٿي پيا آهن مارجي ويل نوجوان جو مڙھ ۽ زخمين کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جهيڙيندڙ ڌرين ۾ راڪيٽ لانچرن ۽ ٻين جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن ڪري ڪوٽ پل وارو علائقو ميدان جنگ بڻيل آهي علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي ٻڌايو پيو وڃي ته جاگيراڻي برادري جي پيرسن عورت فوت ٿي هئي قبرستان ۾ سامي کڻڻ لاءِ ويل جاگيراڻي برادري جي ماڻهن تي سولنگي برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪئي جڏهن ته سولنگي برادري جي هٿياربندن روڊ بلاڪ ڪري سکر کان ايندڙ ڊاٽسن کي ڪوٽ پل وٽ روڪي نوجوان شهزور جاگيراڻي کي گوليون قتل ڪيو آهي . ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ جاگيراڻي برادري سولنگي برادري جي نوجوان تي ڪارنهن الزام ڏئي نوجوان ناري فهميداه جاگيراڻي کي قتل ڪيو جنهن تان ڌرين ۾ هڪ مهيني کان ٺاپر ناهي آئي.