صدر ۽ وزيراعظم پاران قوم کي آزادي ڏهاڙي جون مبارڪون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف 77هين آزادي جي ڏهاڙي تي عوامي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ملڪ کي خوشحال بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
جشن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي تي سڄي قوم کي مبارڪ پيش ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته پرامن ۽ جمهوري جدوجهد ذريعي پاڪستان جو قيام تاريخ جو هڪ بيمثال ۽ بينظير باب آهي، هو ملڪ لاءِ اڻڳڻيون قربانيون ڏيندڙ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا.
صدر آصف علي زرداري چيو ته موجودا چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي اتحاد، سلامتي ۽ معاشي استحڪام لاءِ عزم ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جشن آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم پنهنجي ابن ڏاڏن ۽ تحريڪ پاڪستان جي گمنام هيروز جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي، جن لکين مسلمانن جي جان بچائي، ڏکڻ ايشيا ۾ ڪروڙين مسلمانن لاءِ هڪ آزاد ملڪ لاءِ جدوجهد ڪئي، جتي هو پنهنجي عقيدن ۽ قدرن موجب زندگي گذاري سگهن.
سندس چوڻ هو ته هو ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني عوام کي دلي مبارڪ ڏئي ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان خوداراديت جي بنيادي حق ملڻ تائين ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۽ فلسطين جي ماڻهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.