ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته قومي ترقي لاءِ سڀني کا اختلاف وساري متحد ٿيڻو پوندو، آزادي جو ڏينھن ھونئن ته ھر ڀيري ملھايو ويندو آھي، پر ھن ڀيري قوم وڌيڪ پرجوش نظر اچي رھي آھي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ اينڊ سوشل ميڊيا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بدقمستي سان معاشري ۾ منشيات جي پکيڙ وڌي رھي آھي، منشيات جي روڪٿام لاءِ وفاقي حڪومت اسان جو ساٿ ڏيندي، سنڌ سرڪار پاران منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي جا مرڪز وڌايا پيا وڃن، اسان وٽ ھن وقت بحالي وارن مرڪزن ۾ 400 ماڻھن جي گنجائش آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايڪسائز جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ مارچ کان وٺي ھن وقت تائين منشيات فروشن خلاف 178 ڪيس داخل ڪيا آھن ۽ 200 منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي برداشت کان وڌيڪ بل وڏو مسئلو آھي، جنھن تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت سان رليف لاءِ ڪيترائي ڀيرا رابطا ڪيا آھن ۽ انشااللہ تمام جلد عوام کي خوشخبري ملندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ محترمھ بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ بعد سندس شروع ڪيل منصوبا بند ڪيا ويا ھُئا، اُنھن منصوبن کي صدر آصف علي زرداري 2008 ۾ اچي ٻيھر شروع ڪيو، پاڪستان ۾ سستي ترين بجلي جو واحد ذريعو ٿر جو ڪوئلو آھي، جيڪو شھيد بي بي جو خواب ھو ۽ صدر آصف علي زرداري اُن خواب کي ساڀيان ڏني، ان رٿا کي ڪامياب بڻائڻ جو سڄو ڪريڊٽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڃي ٿو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنڪ بس سروس ۾ عورتن جي سفر دوران سندن حقن جي آگاھي بابت منصوبو به جلد شروع ڪيو ويندو. ھن چيو ته عمر ايوب سنڌ سرڪار ۽ پيپلز پارٽي تي تنقيد کان اڳ پنھنجي حڪومت جي ڪارڪردگي ڏسي وٺي، سنڌ ۾ سڄي پاڪستان مان ماڻھو روزگار ۽ علاج سانگي اچي رھي آھن ڇاڪاڻ سنڌ سرڪار ساڻن گڏ بيٺي آھي، ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت طالبان جي مدد ڪئي، سندن فنڊنگ ڪئي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ بنون جيل ٽوڙي طالبان پنھنجي ساٿين کي ڀڄائي ويا، اي پي ايس جو سانحو ٿيو، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ جيڪڏھن ڪو منصوبو آھي ته عمر ايوب ٻڌائي. هن چيو ته گورنر سنڌ جي لاءِ پيپلز پارٽي طرفان بشير ميمڻ جو ڪوبھ نالو ناھي ڏنو ويو.